Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

99|1|جڏھن زمين پنھنجي سخت ڌوڏجڻ سان ڌوڏبي.
99|2|۽ زمين پنھنجا بار ٻاھر ڪڍندي.
99|3|۽ ماڻھو چوندو ته زمين کي ڇا ٿيو آھي.
99|4|اُن ڏينھن (اُھا) پنھنجيون سڀ خبرون بيان ڪندي.
99|5|ھن ڪري جو تنھنجي پالڻھار ڏانھس حُڪم ڪيو.
99|6|اُن ڏينھن ماڻھو ڌار ڌار ٿي ورندا، ته سندس ڪم کين ڏيکارجن.
99|7|پوءِ جنھن ذري جيترو چڱو ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.
99|8|۽ جنھن ذري جيترو بد ڪم ڪيو ھوندو سو اُن کي ڏسندو.

Pages ( 99 of 114 ): « Previous1 ... 9798 99 100101 ... 114Next »