Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

81|1|جڏھن سج ويڙھبو.
81|2|۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا.
81|3|۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا.
81|4|۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون.
81|5|۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا.
81|6|۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا.
81|7|۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا.
81|8|۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته.
81|9|ڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي.
81|10|۽ جڏھن اعمالناما کولبا.
81|11|۽ جڏھن آسمان ڇلبو.
81|12|۽ جڏھن دوزخ ٻاربو.
81|13|۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو.
81|14|(تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو.
81|15|پوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو.
81|16|جي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن.
81|17|۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي.
81|18|۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي.
81|19|ته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي.
81|20|جو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي.
81|21|جو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي.
81|22|۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي.
81|23|۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي.
81|24|۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي.
81|25|۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي.
81|26|پوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟
81|27|ھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي.
81|28|اوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي.
81|29|۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ.

Pages ( 81 of 114 ): « Previous1 ... 7980 81 8283 ... 114Next »