Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

100|1|ھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.
100|2|پوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.
100|3|پوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي
100|4|جو اُن مھل رئي اُٿارين.
100|5|پوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.
100|6|ته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.
100|7|۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.
100|8|۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.
100|9|(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.
100|10|۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.
100|11|بيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.

Pages ( 100 of 114 ): « Previous1 ... 9899 100 101102 ... 114Next »