Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

93|1|مٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
93|2|۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
93|3|ته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
93|4|۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
93|5|۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
93|6|توکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
93|7|۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
93|8|۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
93|9|تنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
93|10|۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
93|11|۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.

Pages ( 93 of 114 ): « Previous1 ... 9192 93 9495 ... 114Next »