Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

101|1|سخت ٺوڪيندڙ.
101|2|(اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
101|3|۽ ڪنھن سمجھايئي ته (اُھا) سخت ٺوڪيندڙ ڇا آھي؟
101|4|جنھن ڏينھن ماڻھو پکيڙيلن پتنگن جان ھوندا.
101|5|۽ جبل تنبيل رڱيل اُن جان ھوندا.
101|6|پوءِ جنھن (جي عملن) جا ترارا ڳرا ٿيا.
101|7|سو دلپسند گذران ۾ ھوندو.
101|8|۽ جنھن (جي عملن) جا ترارا ھلڪا ٿيا.
101|9|تنھن (جي رھڻ) جي جاءِ ھاوِيَه آھي.
101|10|۽ ڪنھن سمجھايئي ته ھاويه ڇا آھي؟
101|11|ھڪ ٻرندڙ باھ آھي.

Pages ( 101 of 114 ): « Previous1 ... 99100 101 102103 ... 114Next »