Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

80|1|مُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.
80|2|ھن ڪري جو وٽس نابين آيو.
80|3|۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.
80|4|يا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.
80|5|پر جنھن بي پرواھي ڪئي.
80|6|پوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.
80|7|ھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.
80|8|۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.
80|9|۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.
80|10|پوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.
80|11|ائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.
80|12|پوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.
80|13|(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.
80|14|جي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.
80|15|لکندڙن جي ھٿن ۾.
80|16|جي سڳورا ڀلارا آھن.
80|17|ماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.
80|18|(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.
80|19|مني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.
80|20|وري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.
80|21|وري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.
80|22|وري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.
80|23|ائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.
80|24|پوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.
80|25|ته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.
80|26|وري زمين کي پوري طرح چيريوسون.
80|27|پوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.
80|28|۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.
80|29|۽ زيتون ۽ کجيون.
80|30|۽ گھاٽا باغ.
80|31|۽ ميوو ۽ گاھ (به).
80|32|اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.
80|33|پوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.
80|34|انھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.
80|35|۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.
80|36|۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.
80|37|انھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.
80|38|ڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.
80|39|کِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.
80|40|۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.
80|41|جن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.
80|42|اھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.

Pages ( 80 of 114 ): « Previous1 ... 7879 80 8182 ... 114Next »