Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

84|1|جڏھن آسمان ڦاٽندو.
84|2|۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
84|3|۽ جڏھن زمين پکيڙبي.
84|4|۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.
84|5|۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.
84|6|اي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.
84|7|پوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.
84|8|تنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.
84|9|۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.
84|10|۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.
84|11|سو سگھوئي موت کي سڏيندو.
84|12|۽ دوزخ ۾ گھڙندو.
84|13|ڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.
84|14|بيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.
84|15|ھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.
84|16|پوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.
84|17|۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.
84|18|۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.
84|19|ته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.
84|20|پوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.
84|21|۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.
84|22|بلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
84|23|۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
84|24|پوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.
84|25|پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.

Pages ( 84 of 114 ): « Previous1 ... 8283 84 8586 ... 114Next »