Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

92|1|رات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.
92|2|۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.
92|3|۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.
92|4|ته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.
92|5|پوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.
92|6|۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.
92|7|تنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.
92|8|۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.
92|9|۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.
92|10|تنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.
92|11|۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.
92|12|بيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.
92|13|۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.
92|14|پوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.
92|15|(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.
92|16|جنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.
92|17|۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.
92|18|جيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.
92|19|۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.
92|20|پر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).
92|21|۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.

Pages ( 92 of 114 ): « Previous1 ... 9091 92 9394 ... 114Next »