Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

53|1|ستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.
53|2|ته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.
53|3|۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.
53|4|ھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.
53|5|اُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.
53|6|جو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.
53|7|۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.
53|8|وري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.
53|9|پوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.
53|10|پوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.
53|11|جيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.
53|12|جيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟
53|13|۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.
53|14|سِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.
53|15|اُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.
53|16|جنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.
53|17|(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.
53|18|بيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.
53|19|لات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟
53|20|۽ پوئين ٽين منات کي به؟
53|21|ڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.
53|22|اِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.
53|23|اھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.
53|24|ماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟
53|25|پوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.
53|26|۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.
53|27|بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.
53|28|۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.
53|29|پوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.
53|30|اھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.
53|31|۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.
53|32|جيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.
53|33|(اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.
53|34|۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.
53|35|وٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.
53|36|اُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.
53|37|۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.
53|38|(ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.
53|39|۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.
53|40|۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.
53|41|وري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.
53|42|۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.
53|43|۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.
53|44|۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.
53|45|۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.
53|46|منيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.
53|47|۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.
53|48|۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.
53|49|۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.
53|50|۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.
53|51|۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.
53|52|۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.
53|53|۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.
53|54|پوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.
53|55|پوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.
53|56|ھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.
53|57|ويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.
53|58|اُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.
53|59|ھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟
53|60|۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.
53|61|۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.
53|62|پوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.

Pages ( 53 of 114 ): « Previous1 ... 5152 53 5455 ... 114Next »