Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

75|1|قيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.
75|2|۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).
75|3|ماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.
75|4|ھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.
75|5|بلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.
75|6|پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
75|7|پوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.
75|8|۽ چنڊ گرھبو.
75|9|۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.
75|10|(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟
75|11|نه نه! ڪا واھ ڪانھي.
75|12|تنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.
75|13|اُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.
75|14|بلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.
75|15|توڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.
75|16|(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.
75|17|ڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.
75|18|پوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.
75|19|وري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.
75|20|نه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.
75|21|۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.
75|22|ڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.
75|23|پنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.
75|24|۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.
75|25|ڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.
75|26|نه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.
75|27|۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.
75|28|۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.
75|29|۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.
75|30|اُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي.
75|31|پوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.
75|32|پر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.
75|33|وري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.
75|34|توتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.
75|35|وري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.
75|36|ماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.
75|37|(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.
75|38|وري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.
75|39|پوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.
75|40|اھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟

Pages ( 75 of 114 ): « Previous1 ... 7374 75 7677 ... 114Next »