Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

70|1|ھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.
70|2|جنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.
70|3|جو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.
70|4|جنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.
70|5|تنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.
70|6|ڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.
70|7|۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.
70|8|جنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.
70|9|۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.
70|10|۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.
70|11|(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.
70|12|۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).
70|13|۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.
70|14|۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.
70|15|ائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.
70|16|مَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.
70|17|جيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.
70|18|۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.
70|19|بيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.
70|20|جڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.
70|21|۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.
70|22|پر (اُھي) نمازي (نه).
70|23|جيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.
70|24|۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.
70|25|سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.
70|26|۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.
70|27|۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.
70|28|بيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.
70|29|۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.
70|30|پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.
70|31|پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.
70|32|۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.
70|33|۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.
70|34|۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.
70|35|اُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.
70|36|پوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.
70|37|سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.
70|38|منجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟
70|39|ائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.
70|40|پوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.
70|41|ھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.
70|42|پوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.
70|43|جنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.
70|44|ان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.

Pages ( 70 of 114 ): « Previous1 ... 6869 70 7172 ... 114Next »