Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

102|1|(اي ماڻھو) پاڻ ۾ گھڻائي (تي مرڪڻ) اوھان کي ويسلو ڪيو.
102|2|تان جو قبرن کي ڏٺوَ.
102|3|ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندؤ.
102|4|وري (چئون ٿا ته) سگھوئي ڄاڻندؤ.
102|5|نه نه! جيڪڏھن پڪي ويساھ سان ڄاڻو ھا (ته ويسلو نه ويھو ھا).
102|6|قسم آھي ته ضرور دوزخ کي ڏسندؤ.
102|7|وري به ان کي يقين واريءَ اک سان ضرور ڏسندؤ.
102|8|وري اُن ڏينھن نعمتن بابت اوھان کان ضرور پڇبو.

Pages ( 102 of 114 ): « Previous1 ... 100101 102 103104 ... 114Next »