Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

95|1|انجير ۽ زيتون جو قسم آھي.
95|2|۽ طُور سينا جو.
95|3|۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.
95|4|ته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.
95|5|وري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.
95|6|پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.
95|7|پوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟
95|8|حاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟

Pages ( 95 of 114 ): « Previous1 ... 9394 95 9697 ... 114Next »