Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

44|1|حٰمٓ.
44|2|(ھن) پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي.
44|3|ته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون.
44|4|اُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي.
44|5|(اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون.
44|6|تنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.
44|7|(جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين وسھندڙ آھيو (ته وسھو).
44|8|اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي (اُھوئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.
44|9|بلڪ ڪافر (قيامت) کان شڪ ۾ آھن جو راند ڪندا آھن.
44|10|پوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪڍ.
44|11|جو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، اھو ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
44|12|(پوءِ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا.
44|13|کين نصيحت وٺڻي ڪيئن ٿيندي حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو.
44|14|وري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) ته (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي.
44|15|بيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو.
44|16|جنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون (تنھن ڏينھن) بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون.
44|17|۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو.
44|18|ته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان.
44|19|۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس.
44|20|۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو.
44|21|۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو.
44|22|پوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن.
44|23|پوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا.
44|24|۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن.
44|25|باغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون.
44|26|۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به).
44|27|۽ اُھي نعمتون (به) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھوا.
44|28|اھڙي طرح (ٿيو)، ۽ ٻي قوم کي انھن (وسلن) جو وارث ڪيوسون.
44|29|پوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي.
44|30|۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون.
44|31|جو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو.
44|32|۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون.
44|33|۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي.
44|34|بيشڪ اُھي (مُشرڪ) چوندا آھن.
44|35|ته (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نه اُٿارباسون.
44|36|جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو.
44|37|اُھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کائن اڳ ھوا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھوا.
44|38|۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نه بڻايوسون.
44|39|انھن کي پوريءَ رِٿ کانسواءِ نه بڻايوسون پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
44|40|بيشڪ انھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي.
44|41|جنھن ڏينھن ڪوبه دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ به (عذاب) نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.
44|42|سواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي.
44|43|بيشڪ ٿوھر جو وڻ.
44|44|گنھگار جو کاڄ آھي.
44|45|پگھريل ٽامي جان، پيٽن ۾ ٽچڪندو.
44|46|تَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر.
44|47|(ملائڪن کي چونداسون ته) ھن (ڏوھيءَ کي پڪڙيو) ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس.
44|48|وري سندس مٿي تي تَتل پاڻي ھاريو جو (اِھو) عذاب (اٿس).
44|49|(چئبس ته اِھا سزا) چَک ڇوته تون (پنھنجي گمان ۾) سگھورو مان وارو آھين.
44|50|بيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو.
44|51|بيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا.
44|52|باغن ۽ تلاون ۾.
44|53|سنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا.
44|54|(سندن حال) ائين ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون.
44|55|منجھس سڀڪو ميوو گھرندا اھڙي حال ۾ جو امن وارا ھوندا.
44|56|پھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.
44|57|تنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي.
44|58|قرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.
44|59|پوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن.

Pages ( 44 of 114 ): « Previous1 ... 4243 44 4546 ... 114Next »