Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

86|1|آسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.
86|2|۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟
86|3|(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.
86|4|ته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.
86|5|تنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.
86|6|ٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.
86|7|جو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.
86|8|بيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.
86|9|جنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.
86|10|پوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).
86|11|۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.
86|12|۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.
86|13|ته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.
86|14|۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.
86|15|بيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.
86|16|۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.
86|17|پوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.

Pages ( 86 of 114 ): « Previous1 ... 8485 86 8788 ... 114Next »