Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

67|1|اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي ھٿ ۾ (ساري مُلڪ جي) بادشاھي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
67|2|(الله اُھو آھي) جنھن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي (انھيءَ لاءِ) ته اوھان کي پرکي ته عمل جي ڪري تمام چڱو اوھان مان ڪير آھي؟ ۽ اُھو غالب بخشڻھار آھي.
67|3|(الله اُھو آھي) جنھن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ تون الله) ٻاجھاري جي بڻاوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين. پوءِ ورائي (نظر ڪري) ڏس ته (ڪٿي) ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟
67|4|پوءِ وري به ٻه ڀيرا ڏس ته (ضرور تنھنجي) نظر تو ڏانھن جھڪي ٿي ٿڪجي موٽندي.
67|5|۽ بيشڪ دنيا جي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان سينگاريو اٿون ۽ اُنھن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءَ (به) بڻايوسون ۽ شيطانن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار ڪيو اٿون.
67|6|۽ جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آھي، ۽ اُھا جاءِ بڇڙي آھي.
67|7|جڏھن کين دوزخ ۾ اڇليو ويندو (تڏھن) اُن جون (گڏھ جھڙيون) ھينگون ٻڌندا ۽ اُھو پيو اُڀامندو.
67|8|جو ڪاوڙ کان (ڄڻ ته) اجھو ٿو ڦاٽي. جنھن مھل ڪنھن ٽوليءَ کي اُن ۾ پيو وجھبو (تنھن مھل) دوزخ جا داروغا انھن کان پڇندا ته اوھان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه آيو ھو ڇا؟
67|9|چوندا ھائو! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ھو، پر (اُن کي) ڪوڙو ڄاتوسون ۽ چيوسون ته الله ڪا (به) شيءِ نه لاٿي آھي، اوھين ته رڳو وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) آھيو.
67|10|۽ چوندا ته جيڪڏھن اسين ٻُڌون ھا يا سمجھون ھا ته دوزخين (جي ٽوليءَ) ۾ (ڪڏھن داخل) نه ٿيون ھا.
67|11|پوءِ پنھنجو ڏوھ (پاڻ) مڃيندا، پوءِ دوزخين تي لعنت ھجي شال.
67|12|بيشڪ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
67|13|۽ پنھنجي ڳالھ ڳجھي ڳالھايو يا اُھا پڌري چئو، ته بيشڪ الله سينن جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.
67|14|جنھن پيدا ڪيو سو ڪيئن نه ڄاڻندو؟ ۽ اُھو اونھي نظر وارو خبر رکندڙ آھي.
67|15|(الله) اُھو آھي جنھن زمين کي اوھان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستن ۾ گھمو ۽ الله جي رزق مان کائو، ۽ (جيئرو ٿي) ڏانھس کڙو ٿيڻو آھي.
67|16|(اوھين) اُنھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان کي زمين ۾ ڳِھائي ڇڏي پوءِ اُتي جو اُتي زمين ڌڏي؟
67|17|(اوھين) انھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان تي پھڻ وسائيندڙ واءُ موڪلي، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آھي؟
67|18|۽ بيشڪ جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن (به) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي طرح ھئي.
67|19|پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو ڪو) به جھلي نه رکندو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڏسندڙ آھي.
67|20|اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن.
67|21|(ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن.
67|22|ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌي واٽ تي ھلندو ھجي؟
67|23|چئو ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو.
67|24|چئونَ ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ (اوھين) ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ.
67|25|۽ (ڪافر) چوندا آھن ته اھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو جيڪڏھن سچا آھيو؟
67|26|(اي پيغمبر کين) چؤ ته (اھا) خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
67|27|۽ جنھن مھل ان (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا ته ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا، ۽ چئبن ته جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي.
67|28|(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿوَ ڇا ته جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري ته (هر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟
67|29|(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ٻاجھارو آھي اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ ته پڌريءَ گمراھي ۾ ڪير آھي.
67|30|(اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي ته اوھان وٽ وھندڙ پاڻي ڪير آڻيندو؟

Pages ( 67 of 114 ): « Previous1 ... 6566 67 6869 ... 114Next »