Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

78|1|ڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.
78|2|(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.
78|3|جنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.
78|4|ائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
78|5|وري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
78|6|زمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
78|7|۽ جبلن کي ميخون؟
78|8|۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.
78|9|۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.
78|10|۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.
78|11|۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.
78|12|۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.
78|13|۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.
78|14|۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.
78|15|ته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.
78|16|۽ گھاٽاباغ (به).
78|17|بيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.
78|18|جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
78|19|۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.
78|20|۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.
78|21|بيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.
78|22|جو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.
78|23|منجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.
78|24|اُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.
78|25|تتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.
78|26|(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.
78|27|ڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.
78|28|۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.
78|29|۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.
78|30|پوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.
78|31|بيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.
78|32|جو باغ ۽ ڊاکون.
78|33|۽ ھم عمر نوجوان زالون.
78|34|۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).
78|35|اتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.
78|36|(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.
78|37|جو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.
78|38|جنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.
78|39|اِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.
78|40|بيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.

Pages ( 78 of 114 ): « Previous1 ... 7677 78 7980 ... 114Next »