Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

89|1|پرھ جو قسم آھي.
89|2|۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.
89|3|۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.
89|4|۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.
89|5|ھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.
89|6|نه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.
89|7|(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.
89|8|جن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.
89|9|۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.
89|10|۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).
89|11|انھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.
89|12|پوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.
89|13|تنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.
89|14|بيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.
89|15|پوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.
89|16|۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.
89|17|(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.
89|18|۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.
89|19|۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.
89|20|۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.
89|21|ائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.
89|22|۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).
89|23|۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.
89|24|چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.
89|25|پوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.
89|26|۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.
89|27|(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.
89|28|تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.
89|29|تنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.
89|30|۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ.

Pages ( 89 of 114 ): « Previous1 ... 8788 89 9091 ... 114Next »