Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

79|1|اندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.
79|2|۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.
79|3|۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.
79|4|پوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.
79|5|پوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.
79|6|ته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.
79|7|ان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.
79|8|تنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.
79|9|انھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.
79|10|چون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟
79|11|ھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟
79|12|چوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.
79|13|پوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.
79|14|پوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.
79|15|(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟
79|16|جڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.
79|17|ته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.
79|18|پوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟
79|19|۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.
79|20|پوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.
79|21|پوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.
79|22|وري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.
79|23|پوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.
79|24|پوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.
79|25|پوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.
79|26|بيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.
79|27|ڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟
79|28|اُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.
79|29|۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.
79|30|۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.
79|31|اُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.
79|32|۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.
79|33|اوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.
79|34|پوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.
79|35|اُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.
79|36|۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.
79|37|پوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.
79|38|۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.
79|39|تنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.
79|40|۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.
79|41|پوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.
79|42|(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟
79|43|(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟
79|44|اُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.
79|45|جيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.
79|46|جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.

Pages ( 79 of 114 ): « Previous1 ... 7778 79 8081 ... 114Next »