Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

37|1|(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
37|2|پوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
37|3|پوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.
37|4|ته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.
37|5|(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.
37|6|بيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.
37|7|۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.
37|8|ته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.
37|9|(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.
37|10|پر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.
37|11|پوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.
37|12|بلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.
37|13|۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.
37|14|۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.
37|15|۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.
37|16|ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟
37|17|اسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟
37|18|چؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.
37|19|پوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.
37|20|۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.
37|21|(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.
37|22|(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا
37|23|تن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.
37|24|۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.
37|25|(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟
37|26|بلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.
37|27|۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
37|28|(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.
37|29|(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.
37|30|۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.
37|31|پوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.
37|32|پوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.
37|33|پوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.
37|34|بيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.
37|35|بيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.
37|36|۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
37|37|بلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.
37|38|بيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.
37|39|۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.
37|40|پر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).
37|41|اُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.
37|42|(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.
37|43|نعمت وارن باغن ۾.
37|44|تختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.
37|45|وھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.
37|46|جو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.
37|47|نڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.
37|48|۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.
37|49|ڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.
37|50|پوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
37|51|منجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.
37|52|جو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
37|53|ھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
37|54|(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
37|55|پوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.
37|56|چوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.
37|57|۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.
37|58|بيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.
37|59|(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.
37|60|بيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
37|61|اھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.
37|62|ڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
37|63|بيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.
37|64|بيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.
37|65|اُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.
37|66|پوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.
37|67|وري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.
37|68|وري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.
37|69|بيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.
37|70|تنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.
37|71|۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.
37|72|۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.
37|73|پوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟
37|74|پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).
37|75|۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.
37|76|۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.
37|77|۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.
37|78|۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.
37|79|ساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.
37|80|بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
37|81|بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
37|82|وري ٻـين کي ٻوڙيوسون.
37|83|۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.
37|84|(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.
37|85|(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
37|86|الله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
37|87|پوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
37|88|پوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.
37|89|پوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.
37|90|پوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.
37|91|پوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟
37|92|اوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟
37|93|پوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.
37|94|پوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.
37|95|(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
37|96|ھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.
37|97|(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.
37|98|پوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.
37|99|۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).
37|100|اي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.
37|101|پوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.
37|102|پوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.
37|103|پوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.
37|104|۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.
37|105|بيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
37|106|بيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.
37|107|۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.
37|108|۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
37|109|ابراھيم تي شال سلام ھجي.
37|110|ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
37|111|بيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
37|112|۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.
37|113|۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.
37|114|۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.
37|115|۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.
37|116|۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.
37|117|۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.
37|118|۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.
37|119|۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.
37|120|مُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.
37|121|بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.
37|122|بيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.
37|123|۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.
37|124|جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟
37|125|ڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
37|126|(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.
37|127|پوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.
37|128|پر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).
37|129|۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
37|130|الياس تي شال سلام ھجي.
37|131|بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
37|132|بيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.
37|133|۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.
37|134|(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.
37|135|سواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.
37|136|وري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.
37|137|۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.
37|138|۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
37|139|۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.
37|140|جڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.
37|141|پوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.
37|142|پوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.
37|143|پوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.
37|144|ته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.
37|145|پوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.
37|146|۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.
37|147|۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.
37|148|پوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.
37|149|پوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ
37|150|يا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.
37|151|خبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.
37|152|ته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.
37|153|پٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
37|154|اوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟
37|155|(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟
37|156|يا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟
37|157|جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.
37|158|۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.
37|159|(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
37|160|پر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).
37|161|پوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.
37|162|اوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.
37|163|پر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.
37|164|۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.
37|165|۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.
37|166|۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.
37|167|۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.
37|168|ته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.
37|169|ته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.
37|170|وري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.
37|171|۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..
37|172|ته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.
37|173|۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.
37|174|پوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.
37|175|۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.
37|176|(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
37|177|پوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.
37|178|۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.
37|179|۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.
37|180|تنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.
37|181|۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.
37|182|۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.

Pages ( 37 of 114 ): « Previous1 ... 3536 37 3839 ... 114Next »