Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

69|1|قيامت.
69|2|ڇا آھي (اھا) قيامت.
69|3|۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟
69|4|ثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.
69|5|پوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.
69|6|۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.
69|7|(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.
69|8|پوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
69|9|۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.
69|10|۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.
69|11|بيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
69|12|ھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.
69|13|پوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.
69|14|۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.
69|15|پوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.
69|16|۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.
69|17|۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.
69|18|اُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.
69|19|پوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.
69|20|بيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.
69|21|اُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.
69|22|مٿاھين بھشت ۾.
69|23|جنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.
69|24|(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.
69|25|۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.
69|26|نه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟
69|27|ھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.
69|28|منھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.
69|29|مون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.
69|30|(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.
69|31|وري دوزخ ۾ وجھوس.
69|32|وري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.
69|33|ڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.
69|34|۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.
69|35|تنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.
69|36|۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.
69|37|(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.
69|38|پوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.
69|39|۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).
69|40|ته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.
69|41|۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.
69|42|۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.
69|43|(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.
69|44|۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.
69|45|ته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.
69|46|وري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.
69|47|پوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.
69|48|۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.
69|49|۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.
69|50|۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.
69|51|۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.
69|52|تنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.

Pages ( 69 of 114 ): « Previous1 ... 6768 69 7071 ... 114Next »