Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

77|1|چڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.
77|2|پوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.
77|3|۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.
77|4|پوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.
77|5|پوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.
77|6|(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.
77|7|ته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.
77|8|پوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.
77|9|۽ جڏھن آسمان چيربو.
77|10|۽ جڏھن جبل اڏائبا.
77|11|۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.
77|12|(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.
77|13|فيصلي جي ڏينھن لاءِ.
77|14|۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.
77|15|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|16|پھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟
77|17|وري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.
77|18|ائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.
77|19|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|20|اوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟
77|21|پوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.
77|22|ھڪ مُقرّر وقت تائين.
77|23|پوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.
77|24|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|25|زمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟
77|26|(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).
77|27|۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.
77|28|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|29|(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.
77|30|(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.
77|31|نه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.
77|32|بيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.
77|33|ڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.
77|34|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|35|اُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.
77|36|۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.
77|37|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|38|ھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.
77|39|پوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.
77|40|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|41|بيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
77|42|۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.
77|43|(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.
77|44|بيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.
77|45|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|46|(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.
77|47|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|48|۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.
77|49|اُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
77|50|پوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.

Pages ( 77 of 114 ): « Previous1 ... 7576 77 7879 ... 114Next »