Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

94|1|(اي پيغمبر) تنھنجو سِينو تولاءِ ڪشادو نه ڪيو اٿون ڇا؟
94|2|۽ تنھنجو (اُھو) بار توکان لاٿوسون.
94|3|جنھن تنھنجي پٺي کي ڳرو ڪيو ھو.
94|4|۽ تنھنجي ساراھ تولاءِ مٿاھين ڪئي سون.
94|5|ڇوته بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.
94|6|بيشڪ اھنج سان گڏ سھنج آھي.
94|7|تنھنڪري جڏھن واندو ٿئين ته (عبادت لاءِ) محنت ڪر.
94|8|۽ خاص پنھنجي پالڻھار ڏانھن دل لڳاءِ.

Pages ( 94 of 114 ): « Previous1 ... 9293 94 9596 ... 114Next »