Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

90|1|ھن شھر (مڪي) جو قسم کڻان ٿو.
90|2|۽ تون ھن شھر ۾ (ته) رھندڙ آھين.
90|3|۽ ڄڻيندڙ جو (قسم کڻان ٿو) ۽ ان جو جيڪو ڄايو.
90|4|ته بيشڪ ماڻھو کي ڏک ۾ (پوڻ لاءِ) خلقيوسون.
90|5|(ماڻھو) ڀانئيندو آھي ڇا ته مٿس ڪوبه غالب نه ٿيندو؟
90|6|چوي ٿو ته مون تمام گھڻو مال کپايو.
90|7|ڀانئيندو آھي ڇا ته ڪنھن ڪونه ڏٺو اٿس؟
90|8|کيس ٻه اکيون نه ڏنيون اٿون ڇا؟
90|9|۽ ڄڀ ۽ ٻه چَپ به؟
90|10|۽ ٻه رستا ڏيکارياسونس.
90|11|پوءِ ڪوبه سخت لَڪ نه لنگھيو.
90|12|۽ ڪنھن سمجھايئي ته سخت لَڪّ ڇا آھي؟
90|13|ٻانھو آجو ڪرڻ آھي.
90|14|يا بُک جي ڏينھن ۾ کاڄ کارائڻ.
90|15|مائٽي واري ڇوري ٻار کي.
90|16|يا مٽيءَ ۾ رُلندڙ محتاج کي.
90|17|ان کانپوءِ (اُھو) مؤمنن مان ھجي ۽ ھڪ ٻئي کي صبر جي وصيت ڪيائون ۽ (پڻ) ھڪ ٻئي کي (خلق تي) ٻاجھ ڪرڻ جي وصيت ڪيائون.
90|18|اُھي نيڪ بخت سڄي پاسي وارا آھن.
90|19|۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو سي بدبخت کٻي وارا آھن.
90|20|مٿن دميل باھ چوڌاري ويڙھيل (موڪلبي) آھي.

Pages ( 90 of 114 ): « Previous1 ... 8889 90 9192 ... 114Next »