Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

87|1|(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.
87|2|جنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.
87|3|۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.
87|4|۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.
87|5|پوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.
87|6|اسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.
87|7|مگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).
87|8|۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.
87|9|پوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.
87|10|جيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.
87|11|۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.
87|12|جو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.
87|13|وري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.
87|14|بيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.
87|15|۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.
87|16|بلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.
87|17|۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.
87|18|بيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.
87|19|جي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.

Pages ( 87 of 114 ): « Previous1 ... 8586 87 8889 ... 114Next »