Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

51|1|قسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.
51|2|پوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.
51|3|پوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.
51|4|پوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
51|5|ته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.
51|6|۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.
51|7|واٽن واري آسمان جو قسم آھي.
51|8|ته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.
51|9|قرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.
51|10|اُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.
51|11|جيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.
51|12|پُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
51|13|(ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.
51|14|(چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.
51|15|بيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
51|16|جيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.
51|17|رات جو ٿورو سمھندا ھوا.
51|18|۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.
51|19|۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.
51|20|۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.
51|21|۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟
51|22|۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.
51|23|پوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.
51|24|اِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟
51|25|جڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.
51|26|پوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.
51|27|پوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟
51|28|پوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.
51|29|پوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).
51|30|چيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
51|31|(ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.
51|32|چيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.
51|33|ته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.
51|34|جي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.
51|35|پوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.
51|36|پوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.
51|37|۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.
51|38|۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.
51|39|پوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.
51|40|تنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.
51|41|۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.
51|42|جو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.
51|43|۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.
51|44|پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.
51|45|پوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.
51|46|۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.
51|47|۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.
51|48|۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.
51|49|۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
51|50|پوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
51|51|۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
51|52|اھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.
51|53|ان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.
51|54|تنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.
51|55|۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.
51|56|۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.
51|57|نڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.
51|58|بيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.
51|59|پوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.
51|60|پوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.

Pages ( 51 of 114 ): « Previous1 ... 4950 51 5253 ... 114Next »