Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

91|1|سج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.
91|2|۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.
91|3|۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.
91|4|۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.
91|5|۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.
91|6|۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.
91|7|۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.
91|8|پوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.
91|9|جنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.
91|10|۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.
91|11|(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.
91|12|جڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.
91|13|پوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.
91|14|پوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.
91|15|۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.

Pages ( 91 of 114 ): « Previous1 ... 8990 91 9293 ... 114Next »