Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

82|1|جڏھن آسمان ڦاٽندو.
82|2|۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.
82|3|۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.
82|4|۽ جڏھن قبرون پٽبيون.
82|5|(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.
82|6|اي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟
82|7|جنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.
82|8|جھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.
82|9|ائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.
82|10|۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.
82|11|سڳورا لکڻ وارا.
82|12|جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.
82|13|بيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.
82|14|۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.
82|15|عملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.
82|16|۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.
82|17|۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
82|18|وري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
82|19|اُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.

Pages ( 82 of 114 ): « Previous1 ... 8081 82 8384 ... 114Next »