Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

71|1|بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليو ته پنھنجي قوم کي انھن وٽ ڏکوئيندڙ عذاب جي پھچڻ کان اڳ ۾ ڊيڄار.
71|2|چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ آءٌ اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
71|3|ته الله جي عبادت ڪريو ۽ کانئس ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.
71|4|ته اوھان جا گناھ اوھان کي بخشي ۽ اوھان کي ٺھرايل وقت تائين ڍر ڏئي، بيشڪ الله جو ٺھرايل وقت ايندو (تڏھن) ان کي ڍر نه ڏبي، جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو.
71|5|(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ پنھنجي قوم کي رات ۽ ڏينھن سڏيندو رھيس.
71|6|پوءِ منھنجي سڏڻ سندن حق ۾ ڀڄڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
71|7|۽ بيشڪ مون جڏھن به انھن کي سڏيو ته تون انھن کي بخشين (تڏھن) پنھنجيون آڱريون پنھنجن ڪَنن ۾ وڌائون ۽ پنھنجا ڪپڙا پاڻ تي ويڙھيائون ۽ (ڪُفر تي) قائم رھيا ۽ تمام گھڻو ھٺ ڪيائون.
71|8|وري بيشڪ مون اُنھن کي ڏاڍيان سڏيو.
71|9|وري بيشڪ مون انھن کي ظاھر ظھور چيو ۽ انھن کي ڳجھي طرح (به) چيم.
71|10|پوءِ چيم ته پنھنجي پالڻھار کان بخشش گھرو، ڇوته اُھو بخشڻھار آھي.
71|11|ته گھڻو وسندڙ مينھن اوھان تي لڳولڳ وسائي.
71|12|۽ اوھان کي مال ۽ پٽ گھڻا ڏئي ۽ اوھان کي باغ ڏئي ۽ اوھان کي نَھرون بڻائي ڏي.
71|13|اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو الله جي وڏائي جو ويساھ نه ٿا رکو.
71|14|حالانڪ اوھان کي قسمن قسمن ۾ بڻايائين.
71|15|نه ڏسندا آھيو ڇا ته الله ڪيئن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو.
71|16|۽ انھن ۾ چنڊ کي روشن ڪيائين ۽ سج کي (چمڪندڙ) ڏيئو ڪيائين.
71|17|۽ الله اوھان کي زمين منجھان ھڪڙي ڄمائڻ طرح ڄمايو.
71|18|وري اوھان کي زمين ۾ موٽائي نيندو ۽ وري اوھان کي پوري طرح ٻاھر ڪڍندو.
71|19|۽ الله اوھان لاءِ زمين کي وڇاڻو بڻايو.
71|20|ته اُن ۾ ويڪرين واٽن سان ھلو.
71|21|نوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ انھن منھنجو چيو نه مڃيو ۽ اُنھن جي پويان لڳا جن جي حق ۾ سندن مال ۽ سندن اولاد ڇيئي کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه وڌايو.
71|22|۽ انھن تمام وڏو فريب پکيڙيو.
71|23|۽ چيائون ته پنھنجن بُتن کي ڪڏھن نه ڇڏيو ۽ نڪي وَد ۽ نڪي سُوَاع ۽ نڪي يَغُوث ۽ يَعُوق ۽ نَسۡر کي ڇڏيو.
71|24|۽ بيشڪ گھڻن کي گمراھ ڪيائون، ۽ (اي الله) ظالمن کي گمراھيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.
71|25|انھن کي سندن گناھن جي سبب ڪري ٻوڙيو ويو وري انھن کي باھ ۾ داخل ڪيو ويو، پوءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو پاڻ لاءِ مددگار نه لڌائون.
71|26|۽ نُوح چيو ته اي منھنجا پالڻھار ڪافرن مان ڪو زمين تي رھندڙ نه ڇڏ.
71|27|بيشڪ تون جيڪڏھن انھن کي ڇڏيندين ته تنھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪندا ۽ اُھي بدڪار مُنڪر کانسواءِ (ٻيو) نه ڄڻيندا.
71|28|اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ کي بخش ۽ جيڪو منھنجي گھر ۾ مؤمن ٿي اچي تنھن کي ۽ سڀني مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي (بخش)، ۽ ظالمن کي ھلاڪيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي وڌيڪ نه ڏي.

Pages ( 71 of 114 ): « Previous1 ... 6970 71 7273 ... 114Next »