Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

88|1|(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟
88|2|اُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.
88|3|ڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.
88|4|ٻرندڙ باھ ۾ پوندا.
88|5|بلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.
88|6|ڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.
88|7|(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.
88|8|ڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.
88|9|پنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.
88|10|مٿاھين بھشت ۾ ھوندا.
88|11|اتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.
88|12|اُتي چشما وھندڙ آھن.
88|13|اُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.
88|14|۽ آبخورا رکيل.
88|15|۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.
88|16|۽ غاليچا وڇايل آھن.
88|17|(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.
88|18|۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.
88|19|۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.
88|20|۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.
88|21|پوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.
88|22|تون مٿن ڪو داروغو نه آھين.
88|23|پر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.
88|24|تنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.
88|25|بيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.
88|26|وري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.

Pages ( 88 of 114 ): « Previous1 ... 8687 88 8990 ... 114Next »