Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

83|1|(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.
83|2|جي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.
83|3|۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.
83|4|اھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.
83|5|اُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.
83|6|جنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.
83|7|سچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.
83|8|۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟
83|9|ھڪ لکيل دفتر آھي.
83|10|اُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.
83|11|جيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
83|12|۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.
83|13|جڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.
83|14|ائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.
83|15|ائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.
83|16|وري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.
83|17|وري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.
83|18|سچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.
83|19|۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟
83|20|ھڪ لکيل دفتر آھي.
83|21|اُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.
83|22|بيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.
83|23|تختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.
83|24|(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.
83|25|مھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.
83|26|جنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.
83|27|اُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.
83|28|جو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.
83|29|بيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.
83|30|۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.
83|31|۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.
83|32|۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.
83|33|۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.
83|34|تنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.
83|35|تختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.
83|36|(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.

Pages ( 83 of 114 ): « Previous1 ... 8182 83 8485 ... 114Next »