Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

85|1|بُرجن واري آسمان جو قسم آھي.
85|2|۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي.
85|3|۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي.
85|4|ته کاھين وارا ماريا وڃن.
85|5|جا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي.
85|6|جڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا.
85|7|۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا.
85|8|۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو.
85|9|جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي.
85|10|بيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي.
85|11|بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
85|12|بيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي.
85|13|بيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو.
85|14|۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي.
85|15|(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي.
85|16|جيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي.
85|17|تو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟
85|18|(يعني) فرعون ۽ ثمود جي.
85|19|بلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن.
85|20|۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي.
85|21|بلڪ ھي سڳورو قرآن آھي.
85|22|حفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي.

Pages ( 85 of 114 ): « Previous1 ... 8384 85 8687 ... 114Next »