Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

76|1|ڪڏھن ماڻھوءَ تي زماني مان ھڪ (اھڙو) وقت گذري چڪو آھي جو (ھو اھڙي) ڪا شيءَ نه ھو جا يادگيريءَ ۾ اچي.
76|2|بيشڪ اسان ماڻھوءَ کي ھڪڙي (پاڻ ۾) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو، ته اُن کي پرکيون پوءِ کيس ٻڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون.
76|3|بيشڪ اسان کيس سڌو دڳ ڏسيو (ھاڻي ھو) شُڪر ڪندڙ ٿئي يا بي شُڪر.
76|4|بيشڪ اسان ڪافرن لاءِ زنجير يا ڳٽ ۽ ٻرندڙ باھ تيار ڪئي آھي.
76|5|بيشڪ نيڪ بخت ٻانھا (انھي شراب جي) پيالي مان پيئندا جنھن جي ملاوت ڪافور (جي چشمي جي پاڻي) جي ھوندي.
76|6|اھو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا (پيارا) ٻانھا پيئندا جنھن کي چڱي طرح وھائيندا.
76|7|جي (الله جي) باس پوري ڪندا آھن ۽ اُن ڏينھن کان ڊڄندا آھن جنھن جي بڇڙائي (ھر طرف) پڌري ھوندي.
76|8|۽ طعام جي احتياج ھوندي مُحتاج ۽ يتيم ۽ قيدي کي کارائيندا آھن.
76|9|(۽ چوندا آھن ته) اسين ته اوھان کي الله جي واسطي کارائيندا آھيون اوھان کان نڪو بدلو ۽ نڪا شڪر گذاري گھرندا آھيون.
76|10|بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار کان ھڪ ڏکئي ڏينھن کان ڊڄندا آھيون جو تمام سخت آھي.
76|11|پوءِ الله اُن ڏينھن جي مدائي کان کين بچايو ۽ اُنھن کي تازگي ۽ خوشي پھچائي.
76|12|۽ سندن صبر ڪرڻ سببان باغ ۽ پَٽ (جو ويس) کين بدلو ڏنائين.
76|13|اُن (باغ) ۾ تختن تي ٽيڪ ڏئي وھندا، اتي نڪي (سج جي) اُتت ۽ نڪي ڪا سخت سردي ڏسندا.
76|14|۽ اُن (باغ) جون ڇانئون مٿن ويجھيون ٿيل ھونديون ۽ اُن جا ميوا (پٽڻ ۾) چڱي طرح ويجھا ڪبا.
76|15|۽ روپن ٿانون ۽ پيالن سان وٽن اچ وڃ ٿيندي جي شيشن وانگر ھوندا.
76|16|(پر) شيشا (به) چاندي جا جن کي انھن (پياريندڙن) پوري انداز سان ٺھرايو آھي.
76|17|۽ اُتي کين شراب جا پيالا پياربا جنھن (جي پاڻي) جي ملاوت سُنڍ (جي چشمي) جي ھوندي.
76|18|اُتي اھو ھڪ چشمو آھي جنھن جو نالو سَلۡسَبِيۡل رکيو وڃي ٿو.
76|19|۽ وٽن ھميشه رھندڙ نينگر پيا گھمندا ڦرندا، (اي ڏسندڙ) جڏھن انھن کي ڏسندين (ته) انھن کي کنڊريل موتي پيو ڀائيندين.
76|20|۽ جڏھن اُتي نھاريندين (ته) اڻ کٽ نعمت ۽ وڏي بادشاھي پيو ڏسندين.
76|21|مٿانئن سنھي سائي پَٽ ۽ ٿُلھي پَٽ جا ڪپڙا ھوندا، ۽ چاندِيءَ جا ڪنگڻ کين پارايا ويندا، ۽ سندن پالڻھار کين تمام پاڪ شراب پياريندو.
76|22|بيشڪ اھو اوھان (جي عملن) جو بدلو آھي ۽ اوھان جو سعيو قبول ڪيل آھي.
76|23|بيشڪ اسان توتي قرآن درجي بدرجي لاٿو.
76|24|پوءِ پنھنجي پالڻھار جي حڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ انھن (ماڻھن) مان ڪنھن گنھگار يا بي شڪر جو چيو نه مڃ.
76|25|۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو صبح ۽ سانجھيءَ ياد ڪر.
76|26|۽ ڪجھ (وقت) رات ۾ اُن لاءِ نماز پڙھ ۽ گھڻي رات سندس پاڪائي ساراھ.
76|27|بيشڪ اُھي (ڪافر) دنيا کي پيارو رکندا آھن ۽ ڳوري ڏينھن کي پنھنجي پٺيان ڦٽو ڪندا آھن.
76|28|اسان کين پيدا ڪيو ۽ سندن سَنڌ پُختا ڪياسون، ۽ جڏھن گھرون (ته) اھڙا ٻيا عوض ۾ مٽائي آڻيون.
76|29|بيشڪ اھا نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.
76|30|۽ اوھين نه گھرندؤ مگر اُھو جيڪي الله گھري، ڇوته الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
76|31|جنھن کي گھري (تنھن کي) پنھنجي رحمت ۾ داخل ٿو ڪري، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيو اٿس.

Pages ( 76 of 114 ): « Previous1 ... 7475 76 7778 ... 114Next »