Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

104|1|(انھيءَ) سڀڪنھن گلا ڪندڙ عيب ڳوليندڙ لاءِ ويل آھي.
104|2|جنھن مال گڏ ڪيو ۽ اُھو ڳڻي ڳڻي رکيائين.
104|3|ڀانئيندو آھي ته سندس مال سدائين رھندو.
104|4|ھرگز ائين نه آھي ضرور حُطمه ۾ اُڇلائبس.
104|5|۽ ڪنھن سمجھايئي ته حُطَمَه ڇا آھي؟
104|6|الله جي ٻاريل باھ آھي.
104|7|جا دلين تي پھچندي.
104|8|بيشڪ اُھا مٿن در بند ڪيل آھي.
104|9|(جنھن حالت ۾ اُھي) ڊگھن ٿنڀن ۾ (ٻڌل ھوندا).

Pages ( 104 of 114 ): « Previous1 ... 102103 104 105106 ... 114Next »