Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

96|1|(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.
96|2|ماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.
96|3|پڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.
96|4|جنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.
96|5|ماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.
96|6|سچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.
96|7|جڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.
96|8|بيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.
96|9|اُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.
96|10|(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.
96|11|ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.
96|12|يا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.
96|13|ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.
96|14|ته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.
96|15|ائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.
96|16|اُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.
96|17|پوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.
96|18|اسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.
96|19|ائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.

Pages ( 96 of 114 ): « Previous1 ... 9495 96 9798 ... 114Next »