Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

74|1|اي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
74|2|کڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
74|3|۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
74|4|۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
74|5|۽ پليتي کان پري رھ.
74|6|۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.
74|7|۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.
74|8|پوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.
74|9|تڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.
74|10|ڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.
74|11|مون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.
74|12|۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.
74|13|۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).
74|14|۽ ان کي پوري طرح وڌايم.
74|15|وري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.
74|16|ائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.
74|17|جلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.
74|18|بيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.
74|19|پوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.
74|20|وري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.
74|21|وري (غور ڪري) ڏٺائين.
74|22|وري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.
74|23|وري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.
74|24|پوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.
74|25|ھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.
74|26|جلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.
74|27|۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.
74|28|اُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.
74|29|ماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.
74|30|اُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.
74|31|۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.
74|32|سچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.
74|33|۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.
74|34|۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.
74|35|ته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.
74|36|(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.
74|37|اوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.
74|38|سڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.
74|39|پر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).
74|40|(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.
74|41|ڏوھارين کان.
74|42|ته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.
74|43|چوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.
74|44|۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.
74|45|۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.
74|46|۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.
74|47|تان جو اسان کي موت پھتو.
74|48|پوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.
74|49|پوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.
74|50|ڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.
74|51|جي شينھن کان ڀڳا ھجن.
74|52|بلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.
74|53|ائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.
74|54|سچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.
74|55|پوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.
74|56|۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.

Pages ( 74 of 114 ): « Previous1 ... 7273 74 7576 ... 114Next »