Sindhi Quran | قرآن شريف پڙهو

56|1|جڏھن قيامت ايندي.
56|2|جنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.
56|3|ڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.
56|4|جڏھن زمين سخت ڌوڏبي.
56|5|۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.
56|6|پوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.
56|7|۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.
56|8|پوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.
56|9|۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟
56|10|۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.
56|11|اھي (ئي) مقرب آھن.
56|12|نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.
56|13|گھڻا پھرين مان.
56|14|۽ ٿورا پوين مان.
56|15|(سون سان) اُڻيل تخت تي.
56|16|ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.
56|17|ھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.
56|18|آبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).
56|19|(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.
56|20|۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.
56|21|۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.
56|22|۽ وڏين اکين وارون حورون.
56|23|(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.
56|24|جيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.
56|25|اتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.
56|26|پر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.
56|27|۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.
56|28|لاسڙين ٻيرين ۾.
56|29|۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.
56|30|۽ ڊگھن پاڇن ۾.
56|31|۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.
56|32|۽ گھڻن ميون ۾.
56|33|نڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.
56|34|۽ اُچا وڇاڻا.
56|35|بيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.
56|36|پوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.
56|37|مڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.
56|38|سڄي پاسي وارن لاءِ.
56|39|گھڻي جماعت پھرين مان آھي.
56|40|۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.
56|41|۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.
56|42|ڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.
56|43|۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.
56|44|جو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.
56|45|بيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.
56|46|۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.
56|47|۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
56|48|يا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.
56|49|(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.
56|50|ھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.
56|51|وري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.
56|52|ضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.
56|53|پوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.
56|54|پوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.
56|55|پوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.
56|56|قيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.
56|57|اسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.
56|58|ڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.
56|59|تنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
56|60|اسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.
56|61|ته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.
56|62|۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟
56|63|ڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.
56|64|سو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
56|65|جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.
56|66|(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.
56|67|بلڪ اسين بي نصيب آھيون.
56|68|ڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.
56|69|اُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
56|70|جيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟
56|71|ڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.
56|72|تنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.
56|73|اسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.
56|74|تنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.
56|75|پوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.
56|76|۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.
56|77|بيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.
56|78|لڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.
56|79|پاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.
56|80|جھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.
56|81|پوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.
56|82|۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.
56|83|پوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.
56|84|۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.
56|85|۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.
56|86|پوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.
56|87|ته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.
56|88|پوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.
56|89|ته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.
56|90|۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.
56|91|ته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.
56|92|پر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.
56|93|ته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.
56|94|۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.
56|95|بيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.
56|96|تنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.

Pages ( 56 of 114 ): « Previous1 ... 5455 56 5758 ... 114Next »